دوشنبي- 23 فيبروري (اي پي پي) تاجڪستان ۾ 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا و??ا جنهن سبب زلزلي ??ارن علائقن ۾ ڊيم ٽٽڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي ??قصان جو اطلاع ناهي مليو. فرانس جي خابرو اداري آ??ريڪي عرضيات کاتي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته تاجڪستان جي اوڀر واري صوبي گورنو بدخشان جي مورغوب ضلعي ۾ خميس تي صبح جو 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا و??ا. جنهن جي اونهائي 20.5 ڪلوميٽر هئي. شروعاتي زلزلي جي 20 منٽن بعد 5 ۽ 4.6 جي شدت جا آفٽر شاڪس به محسوس ڪيا و??ا، چائنه سينٽرل ٽيلي ??يزن (سي سي ٽي وي) چائنه ارٿ ڪوئيڪ نيٽ ورڪس سينٽر مطابق زلزلي جو مرڪز چين جي سرحد کان ويجهي ترين هنڌ کان 82 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هو جنهن کي چين جي صوبي سنڪيانگ جي اولهه طرف ڪاشغر ۽ ارتش جي شهرن ۾ به محسوس ڪيو ويو، زلزلي ??ارا علائقا خوشقسمتي سان ڳتيل آب??دي وارا نه هئا. جڏهن ته ان علائقي ۾ موجود ڍنڍ ساريز جا بند ٽٽڻ جو خدشو آهي ان ڪري ڪجهه ملڪن ۾ ٻوڏ جو پڻ خطرو آهي. ساريز ڍنڍ تاجڪستان جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي، ان کان علاوه ساريز ڍنڍ جي پٺيان پامير پهاڙن جي مرڪز ۾ هڪ قدرتي ڊيم به آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڊيم ٽٽي پئي ته ان جا نتيجا تمام خراب ثابت ٿيندا. هوڏانهن فوري طور تي ڪنهن به جاني يا مالي ??قصان جو اطلاع ناهي مليو.
تاجڪستان ۾ 6.8 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس، آفٽر شاڪس، ڊيم ٽٽڻ جو خدشو
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک