پيرس -20 نومبر (اي پي پي) فرانس پنهنجي ايٽمي صلاحيتن کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڊگهي مفاصلي تي هدف کي نشانو بڻائيندڙ ايم51.3 بيلسٽڪ ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪ??و آهي. برطانوي خابرو اداري مطابق فرانس جي دفاع واري وزارت هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته ميزائيل ايٽمي هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت نٿو رکي، اهو ميزائيل ڏکڻ او??هه کان فرانس جي فوج کي بسڪا روسي ميزائيل ٽي??ٽنگ سائٽ تان فائر ڪيو ويو هو ۽ ڪنهن به سامونڊي پٽي کان ڪيترائي ڪلوميٽر ڏور اتر او??يانوس سمنڊ ۾ ڪريو. دفاع واري وزارت چيو ته ان تجربي سان ميزائيل ۾ هڪ وڏي بهتري جي تصديق ٿي آهي، جيڪا ايندڙ ڏهاڪن ۾ فرانس جي سامونڊي دفاع جي ديرپا صلاحيت ۾ حصو وجهندي. دفاع واري وزارت چ??و آهي، ته عالمي حالتن کي نظر ۾ رکن??ي فرانس جي ايٽمي هٿيارن جي آپريشنل ساک کي برقرار رکڻ ضروري آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد