عمان-24 آڪٽوبر (اي پي پي)اردن غزه ۾ اسرائي??ي وسندين جي تعمير لاءِ اسرائي??ي وزيرن جي بيانن ۽ ڪنيسٽ (پارليامينٽ) جي ميمبرن پاران ڪيل اپيلن جي شديد مذمت ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اردن جي پرڏيهي وزار?? جي ترجمان سفير سفيان القضا انهن مطالبن کي عالمي قانون ۽ انساني قانون جي خلاف ورزي قرار ??ين??ي چيو آيه ته اهي مطالبا اهڙي خلاف ورزي آهن جيڪي خارجي ذهني?? جي عڪلاسي ڪن ٿا جنهن تي عالمي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن زور ڀ??يو ته غزه ۾ اسرائيلي آبادڪاري جا مطالبا غزه خلاف جارحيت جاري رکڻ ۽ طاقت ذريعي نيون حقيقتون مڙهڻ جي ڪوشش ۾ غزه جي رهواسين تي خوراڪ ۽ دوائن جي داخلا روڪڻ جي اسرائيلي انتهاپسنداڻي پاليسي جي توسيع آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو پنهنجي قانوني ۽ اخلاقي ذميواريون پوريون ڪري، خاص ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اسرائيل تي غزه خلاف پنهنجي جارحيت روڪڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. واضح رهي ته اسرائي??ي وزير ۽ ڪينسٽ ميمبر هاڻوڪن ڏينهن ۾ غزه تي قبضي ۽ اتي اسرائي??ي وستين جي تعمير جا مطالبا ڪيا.
اردن جي غزه ۾ وسندين جي تعمير بابت اسرائيلي وزيرن جي بيانن جي مذمت
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino