اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم ج?? پر??يهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان ڪامياب سفارتڪاري ذريعي اڳيان وڌي رهيو آهي، اهو تاثر صحيح نه آهي ته پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار ٿي رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ پر??يهي وزارت جي ناڻي جي مطالبن تي مخالف ڌر پاران ڪٽوتي جي رٿن تي بحث سهيڙيندي پر??يهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته پر??يهي وزارت جو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بجيٽ ۾ اضافو رڳو 11 سيڪڙو آهي، اسان غيرضروري ناڻي جا مطالبا ناهن ڪيا، سفارتخانن جي ڪارڪردگي ۽ ڪميونٽي سروسز جي گذريل ٽن سالن ۾ بهتري آئي آهي، سفارتخانن ۾ نادر?? پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي سهولتون اچي چڪيون آهن، آن لائين درخواستون به ڏئي سگهجن ٿيون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی