اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته مسلم ??يگ (ن) ملڪ کي قائد جو پاڪستان بڻائيندي جتي مسلڪ، مذهب، لسانيت، علائقايت جي بنيادي تي فرق نه هجي، اسان سڀ هڪ عقيدو ۽ ايمان رکندڙ پاڪستاني آهيون، خيبرپختونخوا جي پي ٽي آءِ جي حڪومت طرفان هڪ مدرسي کي 30 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جي مخالفت تي عمران خان منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي. هو پنجاب هائوس ۾ شعيه ع??ماءُ ڪائونسل آزاد ڪشمير طرفان 21 جولاءِ تي چونڊن ۾ مسلم ??يگ (ن) جي حمايت جي اعلان جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خاص مددگار ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي، شيعه ع??ماءُ ڪائونسل پاڪستان جو اڳواڻ علامه زاهد نقوي، حافظ ڪفايت نقوي، مسلم ??يگ (ن) جا اڳواڻ پير علي رضا بخاري، ڊپٽي ميئر اسلام آباد ميٽرو پوليٽن رفعت جاويد، ذيشان نقوي، ارشد غازي ۽ ٻيا به موجود هئا.
مسلم ليگ (ن) ملڪ کي قائد جو پاڪستان بڻائيندي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد