ماسڪو-27 سيپٽمبر (اي پي پي) روس جي اڳوڻي صدر دمتري مددوف چيو آهي ته نيٽو ٻي عالمي جنگ کان وڏي جنگ جو سبب بڻجندو جنهن جو نتيجو انسانيت لاءِ ٻي عالمي جنگ کان به وڏي تب??هي هوندو. روس جي خابرو اداري موجب روس جي اڳوڻي صدر دمتري مددوف گذريل ڏينهن ٽيلي گرام پوسٽ ۾ خبردار دار ڪيو ته اولهه يوڪر??ن کي وڏا هٿيار فراهم ڪري نازي ازم جو مظاهرو ڪندي دنيا کي ٻي عالمي جنگ کان وڏي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي. دمتري مددوف جيڪو هن وقت روس جي سلامتي ڪائونسو جو نائب چيئرمين آهي، آمريڪا طرفان يوڪر??ن کي ابرامز ٽينڪن جي فراهمي، آمريڪا طرفان يوڪر??ن کي ڊگهي مدي تائين مار ڪندڙ ٽيڪنيڪل ميزائيل سسٽمز (اي ٽي اي سي ايم ايس) جي فراهمي جي مبينه واعدي تي چيو ته ائين لڳي ٿو ته روس وٽ نيٽو سان سڌو سنئون تڪرار کانسواءِ ڪو به رستو باقي ناهي بچيو. هن ڪينيڊا جي پارليامينٽ جي اڳوڻي نازي فوجي جنهن جرمن آمر ايڊولف هٽلر جي ڪمان هيٺ فوجي يونٽن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون هيون، کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ته نيٽو هٽلر جي محوري طاقتن جي اتحاد وانگر سر ي عام فاشٽ بلاڪ ۾ تب??يل ٿي ويو آهي جنهن ۾ ۽ هٽلر جي اتحاد ۾ واحد فرق اهو آهي ته هي اتحاد ماضي جي اتحاد کان وڌيڪ وڏو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ضرورت پوڻ تي روس نيٽو خلاف مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن خبردار ڪيو ته اهڙي طرح جا تڪرار انسانيت لاءِ تب??هي آڻيندڙ نتيجن جو سبب بڻجندو، هن خبردار ڪيو ته ان جو نتيجو انسانيت لاءِ 1945ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نقصان ٿيندو. واضح رهي ته روس جي اڳوڻي صدر ۽ روس جي حڪومت ڪيترائي ڀيرا يوڪر??ن کي هٿيارن جي مسلسل فراهمي روس ۽ نيٽو وچ ۾ س??ي سنئن ٽڪراءُ جي خطري کان خبردار ڪري چڪي آهي.
اولهه دنيا کي ٻي عالمي جنگ کان به وڏي جنگ طرف ڌڪي رهيو آهي: روس جو اڳوڻو صدر
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری