غزه -07 نومبر (اي پي پي) فلسطي??ي مزاحمتي تحريڪ حماس جي اڳواڻ اسامه بن حمد چيو آهي، ته غزه جي پٽي تي ڪا به ڪٺ پتلي حڪومت قبول نه ڪنداسين. هن پريس ڪانفرنس ۾ حماس کان سواءِ غزه ۽ غزه جي مستقبل جو تعين ڪرڻ واري آمريڪي تجويز کي رد ڪندي چيو ته جيڪي اهو سوچي رهيا آهن ته حماس ختم يا غائب ٿي ويندي انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪا به زميني طاقت حماس کي نه ختم ڪري ٿي سگهي ۽ ن?? ئي ان جي اثرن کي گهٽائي سگهي ٿي، حماس ئي غزه ۾ رهن??ي. ??ن چيو ته حماس فلسطيني عوام جي دلين ۾ ۽ انهن جي شعور ۾ رهندي، ڪا به زميني طاقت حماس کي ڪمزور نه ٿي ڪري س??هي. هن چيو ته اسرائيل جي اتحادي آمريڪا حماس کي ميدان تان هٽائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي، هي تصور بلڪل ئي اهڙو آهي جهڙو ٻي جنگ عظيم دوران نازين جي ڪٺ پتلي رياست فرانس ۾ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو آمريڪا کي پنهنجي مٿان مسلط ٿيڻ نه ڏيندا. اهڙي انتظاميه جيڪا آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ سٺي هج?? اسان جا ماڻهو اهڙي حڪومت غزه ۾ ڪڏهن به قبول نه ڪندا.
غزه تي ڪا به ڪٺ پتلي حڪومت قبول ناهي: حماس
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون