واشنگٽن -29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا چيو آه??، ته هو اسرائيل جي قبضي هيٺ گولان جي جبلن ۾ راڪيٽ حملي ۾ شهرين جي فوتگي کان پوءِ اسرائيل ۽ لبنان جي سرحد تي ڇڪتاڻ ۾ اضافي جي مسئلي جي سفارتي حل تي ڪم ??ري رهيو آهي. وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان ايڊرين واٽسن پنهنجي بيان ۾ ان حملي لاءِ حزب الله کي ذميوار قرار ڏنو آهي، جڏهن ته حزب الله الزام کي سختي سان رد ??ري ڇڏيو آهي. آمريڪي ترجمان چيو ته وائيٽ هائوس مجدل شمس تي راڪيٽ حملي کان پوءِ اسرائيلي ۽ لبناني اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهي ڇو ته ان واقعي جي نت??جي ۾ جنگ جو دائرو پکڙجڻ جا خ??شا پيدا ٿي ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔