برسلز _15 آڪٽوبر (اي پي پي )يورپي يونين ايراني اختيارين ۽ ايران ايئر لائينز سميت ڪيترن ئي ادارن تي پ??بن??يون لڳائي ڇڏيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران تي پ??بن??ين جو سبب روس کي يوڪرين خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ ميزائلن ۽ ڊرونز جي منتقلي جو الزام بيان ڪيو آهي. يورپي يونين جي پرڏيهي وزير ايران ايئر لائين سميت ستن ادارن، نائب دفاع واري وزير سيد حمزه غلندري تي پ??بن??ين جي منظوري ڏني آهي . يورپي يونين جي سرگرم ملڪن ۾ شامل برطانيه ، فرانس ۽ جرمني گذريل مهيني ايران تي روس کي ميزائلن جي منتقلي تي آمريڪا وانگر پ??بن??يون لڳايون هيون. يورپي ڪميشن جي صدر ارسولا وان ڊيرلين يورپي ??لاڪ طرفان پ??بن??ين جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته وڌيڪ پ??بن??ين جي ضرورت آهي. ارسولاوان ڊيرلين سوشل ميڊيا جي ايڪس اڪائونٽ تي لکيو آهي ته يوڪرين خلاف روس جي جارحيت جي جنگ ۾ ايراني حڪومت جي حمايت قبول ڪرڻ جوڳي نه آهي ۽ ان کي روڪڻ گهرجي.
يورپي يونين ايران تي پابنديون لڳائي ڇڏيون
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil