اسلام آباد – 29 مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگ??ه جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ هي خ??و دنيا سان نئين سر ??نڍجي ويندو، سائنسدان ۽ انجنيئرز اقتصادي لنگهه کي ڪامياب بڻائڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ڇو ته لنگ??ه جي فعال ٿيڻ کانپوءِ خطي ۾ نيون ٽيڪنالاجيز اينديون ۽ نوان ڪاروبار ش??وع ٿيندا، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي وڏي انگ ۾ افرادي قوت جي ضرورت پوندي، پاڪستان جي تعليمي ادارن کي چين ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ علم فنون جي ادارن سان گڏيل منصوبا ش??وع ڪرڻ گهرجن. صدر اها ڳالهه نيشنل يونيورسٽي فار سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرز پاڪستان جي اهتمام هيٺ پاڪ چين اقتصادي لنگهه: موقعا ۽ چئلينجز جي موضوع تي هڪ سيمينار کي خ??اب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa