اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) پرڏيهي صلاح??ار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستا?? افغانستان سان لاڳاپا مستحڪم ڪرڻ جي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن ۾ اضافي لاءِ پاڪستان ويزا سسٽم کي جديد بڻائڻ ۽ بارڊر ڪراسنگ پوائنٽس تي سهولتن جي فراهمي تي ڪم ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. پرڏيهي صلاح??ار ڪميٽي کي آگاهه ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ تعليمي رابطن ??ي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پاڪستان ۾ تعليمي ادارن ۾ افغان شاگردن جي لاءِ سهولتن ۾ اضافي تي پڻ ڌيان ڏئي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا