پيرس – 08 ڊسمبر (اي پي پي) فرانسيسي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ان جو ملڪ اولهن??ي ڪناري ۾ فلسطينين خلاف تشدد جي ڪاروائين ۾ ملوث اسرائيلي آبادڪارن خلاف سخت قدم کڻندي. فرانسيسي پرڏيهي وزارت جي عورت ترجمان اين ڪليئر لوگاندي العربيا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته انهن قدمن ۾ اهڙن اسرائيلي شهرين تي سفري پابنديون لڳائڻ ۽ انهن جا مالياتي اثاثا ضبط ڪرڻ ش??مل آهن. هن چيو ته فرانس اولهن??ي ڪناري ۾ فلسطينين خلاف آبادڪارن جي گروپن طرفان تشدد جي ڪاروائين جي مڪمل مذمت جو ورجاءُ ڪري ٿو. اسان اسرائيل کان مطالبو ڪريو?? ٿا ته هو پنهنجون ذميواريون سنڀالي ۽ تشدد جي ڪاروائين کي روڪي ۽ انهن ماڻهن خلاف فوري ڪاروائي ڪري. هن وڌيڪ چيو ته فرانس اسرائيل جي اهڙن شهرين خلاف قومي سطح تي اهڙا قدم کڻڻ جو ارادو رکي ٿو جن ۾ انهن ماڻهن کي فرانس جو سفر ڪرڻ کان روڪڻ ۽ انهن جا مالي اثاثا ضبط ڪرڻ ش??مل آهي.
فرانس طرفان اولهندي ڪناري ۾ فلسطينين تي تشدد ڪندڙ اسرائيلي آبادڪارن خلاف قدم کڻڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil