گڏيل قومون_20 جون(اي پي پي)گڏيل قومن غزه ۾ ڇهن اس??ائيلي هوائي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2018 فلسطينين جي شهادت جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته اس??ائيل غزه ۾ بار بار وڏن بمن جو اس??عمال ڪيو ۽ اهو عمل جن??ي قانون جي خلاف ورزي جي نشاندهي ڪري ٿو،گڏيل قومن ۾ انساني حقن جي آفيس او ا??ڇ سي ايڇ آر پنهجي تازي رپورٽ ۾ غزه ۾ 6 اس??ائيلي حملن جا تفصيل فراهم ڪيا آهن جن ۾ هڪ ئي طريقو اختيار ڪرڻ جي نشاندهي ڪندي ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، انهن حملن ۾ رهائشي گهرن، اسڪولن، پناهگير ڪيمپن ۽ هڪ مارڪيٽ تي حملن ۾ 2 هزار پونڊ جا بم اس??عمال ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، انساني حقن جي آفيس انهن حملن ۾ 218 فلسطينين جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي جيڪي 7 آڪٽوبر کانپوءِ غزه ۾ شروع ٿيل جنگ جي شروعات ۾ ٿيا آهن، گڏيل قومن موجب شهادتن جو تعداد ان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.انساني حقن جي آفيس جي سربراه وولڪر ترڪ بيان ۾ چيو آهي ته اس??ائيل پاران بمن ڪيرائڻ جي مهم ۾ جنگ ۾ انهن طريقن جي لڳاتار خلاف ورزي ڪئي وئي آهي جيڪي شهري نقصان کان بچڻ لاءِ ان کي هر حد تائي?? گهٽ کا?? گهٽ ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيا ويندا آهن، غزه جي صحت واري وزارت موجب اس??ائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 37 هزار 372 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
اسرائيل غزه ۾ بار بار وڏن بمن جو استعمال ڪيو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha