اسلام آباد -21 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي، ته اسان جي مضبوط ۽ ??ٽا??ار شراڪت پاڪستاني ۽ آمريڪي عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻيندي رهندي ۽ عالمي سطح تي هاڪاري اثر مرتب ڪندي، يو ايس پاڪستان گرين الائنس انهن جو هڪ بهترين م??ال آهي. اهڙو اظهار هن سينٽر فار ايئرو اسپيس اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي انتظام هيٺ ”پاڪستان آمريڪا ناتا: دي وي فارورڊ“ جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. آمريڪي سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ 75 سالن جي ٻه طرفن ناتن خاص طور تي ڏهاڪن تي ٻڌل ترقياتي شراڪت تي ڳالهيون ڪيون. ه?? سڄي ملڪ ۾ اسڪولن، اسپتالن ۽ شاهراهن جي تعمير سان گڏوگڏ اسڪالرشپ پروگرامن ذ??يعي تعليم لاءِ معاونت جي ڪوششن کي به اجاگر ڪيو. هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 2005ع جي زلزلي ۽ 11-2010ع کان وٺي 2022ع جي ٻوڏ جي تباهي جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. ليڪچر بعد سفير ۽ شرڪت ڪندڙن وچ ۾ سوالن جوابن جو دور به ٿيو. جنهن ۾ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن، تعليمي ماهرن ۽ سفارتڪارن حصو ورتو.
پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ جٽادار شراڪت عالمي سطح تي هاڪاري اثر مرتب ڪندي: آمريڪي سفير
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا