گڏيل قومون – 08 جنوري (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته غزه تي حملن جي شروعات کان اسرائيل جي هٿياربند فوج هن وقت تائين 94 اسپتالن ۽ 76 ايمبولينسن تي 294 حملا ڪري چڪي آهي ۽ انهن حملن جي نتيجي ۾ اٽڪل 600 ماڻهو مارجي ??يا آهن. ٽي آر ٽي مطابق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 22 ڊسمب?? تي ڪيل غزه ۾ امدادي ڪاروائين لاءِ پهچ ڏيڻ بابت فيصلي جي پهرين رپورٽ سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ??ئي وئي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ان رپورٽ ۾ چيو آهي ته جنگ سبب متاثر غزه جي رهائشين جي امدا?? تائين پهچ لاءِ جنگ جو بند ٿيڻ ضروري آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيلي فوج غزه جي وڌيڪ آبادي وارن حصن ۾ وسيع علائقي کي متاثر ڪندڙ تباهي پکيڙيندڙ هٿيار استعمال ڪيا آهن جنهن سبب علائقي جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ رهائشي گهر يا ته متاثر ٿيا آهن يا پوءِ ڊهي ??يا آهن.
اسرائيلي فوج هن وقت تائين 94 اسپتالن ۽ 76 ايمبولينسن تي 294 حملا ڪري چڪي آهي: ڊبليو ايڇ او
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز