دوحه- 13 فيبروري (اي پي پي) فلسطين جي صدر محمود عباس ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن ح??د الثاني غزه جي پٽي ۽ ٻي?? والاريل فلسطيني علائقن جي تازي ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. اردو نيوز مطابق دوحه ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فوري جنگ بندي جي غرض سان ٿيندڙ معاهدي لاءِ جاري ڪوششن تي ڳال??ه ٻولهه ڪئي، جنهن سان فلسطين مسئلو جو هڪ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل جي راهه هموار ٿي سگه??. ٻ??هي اڳواڻن خطي ۾ تشدد ۾ اضافي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفا لاڳاپن ۽ ان کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي طريقي جو جائزو ورتو. شيخ تميم فلسطيني جدوجهد لاءِ قطر جي غير متزلزل حمايت ۽ فلسطيني ??وا?? سان ان جي صحيح قومي امنگن جي حصول جي ڪوششن ۾ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته قطر جي ??وا?? غزه ۾ جاري جنگ کي روڪڻ ۽ اولهندي ڪناري ۾ بدامني کي گهٽ ڪرڻ جي غرض سان سفارتي ۽ ثالثي جي ڪوششن لاءِ پرعزم آهي.
فلسطيني صدر جي قطر جي امير سان ملاقات، غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل