اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر ميان ر??ا رباني سعودي عرب ۾ ٿيندڙ خودڪش بم ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ت?? دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ ا?? سلسلي ۾ عالمي برادري کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون ته جيئن امن قائم ٿي سگهي ۽ دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلايو وڃي. جاري بيان ۾ هن چ??و ته اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سعودي عرب جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون. دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن ۽ انهن جو ڪو مذهب ناهي هوندو. وقتي صدر چ??و ته اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻو پوندو ۽ پاڪستان دهشتگردي جي هر قسم جي مذمت ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ