لاهور – 02 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته انسانيت جي خدمت جي لاءِ وسيلا مهيا ڪندڙ ماڻهو انهن اد??رن کي عطيا، زڪوات، صدقا ڏين جيڪي وسيلن کي صحتمنداڻي سرگرمين جي لاءِ استعمال ڪن ٿا ۽ انهن اد??رن کي وسيلا فراهم نه ڪن جيڪي نه رڳو معاشري ۾ ڏک درد جو سبب بڻجن پر فرقيواريت، انتهاپسندي کي به جنم ڏين. سُندس فائونڊيشن جي دوري ۽ افطار ڊنر کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي ??ي سُندس فائونڊيشن جي چيئرمين منو ڀائي، صدر ياسين خان سميت ناليو??رن صحافين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ اسان ان ڳالهه جو وچن ڪريون ته حق حقيقي حقدار کي ڏيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ درد دل رکندڙ ماڻهو انسانيت جي خدمت جي لاءِ اد??رن کي وسيلا مهيا ڪن ٿا پر بدقسمتي سان وسيلن کي اهڙن ڪمن جي لاءِ استعمال ڪيو ويو جن سان نقصان ۽ نفرتن جنم ورتو.
انساني خدمت لاءِ وسيلا مهيا ڪندڙ ادارن کي عطيا ڏنا وڃن: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا