اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ وفاقي حڪ??مت، سمورا رياستي ادارا ۽ صوبا هڪ ئي صفحي تي آهن، آپريشن ضرب عضب، نيشنل ايڪشن پلان، آپريشن ردالفساد ۽ خيبر فور شروع ڪيو ويو جن سان اهم ڪاميابيون به مليون آهن، موجوده حڪ??مت ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پر??زم آهي ۽ دهشتگردن ۽ انهن جي حامين جي خلاف ڪاررواين جي راهه هموار ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور جي افسوسناڪ واقعي تي هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. ه?? چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي موجوده حڪ??مت جي موثر قدمن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي، دهشتگردي رڳو پاڪستان جو مسئلو نه پر هڪ عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي جنهن تي گ??يل ڪوششن جي ذريعي ئي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی