اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئين پاڪستان جي آئين تحت هر شهري کي مذهب ۽ عبادت جي آزادي حاصل آهي، رياست جا برابر شهري هجڻ ??ي ناطي حڪومت اقليتن کي پنهنجون صلاحيتون ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي، اسان جون پاليسيون بين العقائد هم آهنگي ۽ يڪجهتي جي فروغ تي آهن، حڪومت پاڪستان سمورن اقليتن جي ڀلائي ??اء?? قدم کڻندي رهندي ۽ برابر ۽ انصاف جي اصولن کي برقرار رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي. صدر ڪرسمس جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون ڪرسمس جي پرمسرت موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس ۽ نئين سال جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته ڪرسمس پنهنجي پيارن ۾ نعمتون ۽ خوشيون ورهائڻ جو ڏينهن آهي، اڄ اسان حضرت عيسيٰ عه کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪو پوري انسانيت ??اء?? امن، ڀائيچاري ۽ احترام جي علامت آهي، هن نه رڳو روحاني طور تي بيمار انسانيت کي شفا بخشي پر رواداري، محبت ۽ همدردي جي اعليٰ قدرن جي تلقين به ڪئي، هن ماڻهن کي نيڪ زندگي گذارڻ ۽ ??لل?? جي رحمت حاصل ڪرڻ جي ت??ڪي?? ڪئي، هن سڀني کي امن، محبت ۽ معافي جو پيغام ڏنو.
آئين تحت هر شهري کي مذهب ۽ عبادت جي آزادي حاصل آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena