اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م عمر??ن خان عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار لاءِ آسانيون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته لائسنسنگ جو طريقيڪار آسان بڻائي خودڪار نظام متعارف ڪرايو وڃي، صوبا??ي حڪومتون 74 مختلف قسم جا لائسنسز فوري طور تي ختم ڪن ته ج??ئن عام ماڻهو آساني سان ننڍو ڪاروبار شروع ڪري سگهن. وزي??اع??م ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزي??اع??م عمر??ن خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ ننڍي ڪاروبار ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ لاءِ وزي??اع??م وڏو فيصلو ڪندي مڪاني حڪومتن جي سطح تي مختلف ڪاروباري سرگرمين لاءِ گهربل ڏيڍ سئو جي لڳ ڀڳ مختلف لائسنسز جي نظام کي ختم ڪرڻ ۽ ضروري لائسنسز جي طريقيڪار آسان بڻائڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي خودڪار نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : کڑک