اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان پمز اسپتال اسلام آباد جو غير اعلانيه دورو ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان ??ه گڏ هو، وزيراعظم اسپتال جي نئين ايمرجنسي بلاڪ جو معائنو ڪيو، خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان ??سپتال جي نئين ايمرجنسي بلاڪ ۾ مريضن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جي باري ?? بريفنگ ڏ??ي، صحت واري خصوصي صلاحڪار وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريضن لاءِ مخصوص طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، خصوصي صلاحڪار ٻڌايو ته ايمرجنسي مريض کي فوري طور تي ابتدائي طبي امداد جي فراهمي کانپوءِ ان ??ي حالت موجب ان کي اسپتال جي لاڳاپيل حصي ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي. ان ??ريقيڪار سان ??يمرجنسي مريض ۽ اسپتال ۾ پهرين کان موجود مريضن کي جتي ڪورونا کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ملندي آهي اتي مريض کي ??رض موجب لاڳاپيل شعبي ۾ منتقلي جو عمل به آسان ٿيندو آهي.
وزيراعظم عمران خان پاران پمز اسپتال اسلام آباد جو دورو
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ